ٻاراڻيون ٻوليون (ڪتاب)

ٻاراڻيون ٻوليون (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب پروفيسر نارائڻداس رتنمل ملڪاڻي جو لکيل آهي، جيڪو اين. آر. ملڪاڻي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. هيءُ ڪتاب ڄيٺمل پرسرام، پنهنجي پريس، حيدرآباد سنڌ مان آزاديءَ کان اڳ ڇپايو. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 124 صفحا آهن، جنهن جي قيمت سوا رپيو آهي. هن ڪتاب جي بچيل ڪاپين کي سرسوتي ڪتاب گهر، اجمير (ڀارت) وارن نئين سر جلد ٻڌائي وڪرو ڪيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو